Hussani jung jaari aaa yazeedi dor me aahiyoun by tufail rehman bhalai poetry by imam ali jhinjhi
Tufail Bhalai Official
0:00 / 0:00
Hussani jung jaari aaa yazeedi dor me aahiyoun by tufail rehman bhalai poetry by imam ali jhinjhi
293 просмотра · 1 год назад
Tufail Bhalai Official
1,67 тыс. подписчиков
293 просмотра · 1 год назад
Hussani jung jaari aaa yazeedi dor mein aahiyoun by tufail rehman bhalai poetry by imam ali jhinjhi #song #sindhi #folk
يزيدي دؤر م آهيون
حُسيني جنگ جاري آ
سنڌو ويو شام ڪربل ٿي
لڳي وئي قيام ڪاري آ
سُڪي ويو سنڌ جو پاڻي
پِٽي پئي سنڌ جي نياڻي
وَيون وِيران ٿي وَستيون
لِکون ڇا سنڌ ڪھاڻي
سنڌو جي سينڌ م ھاڻي
رُڳــو ھـي ريـٽ واري آ
يزيدي دؤر م آهيون
حُسيني جنگ جاري آ
سنڌوءَ جو پيٽ فاڙيو ويو
سنڌوءَ تي طوق واريو ويو
سنڌوءَ جو نانءُ ماريو ويو
سنڌوءَ کي ائين اجاڙيو ويو
سُڪي ويا ڪپ سنڌوءَ جا
چــپــن تــي آھ زاري آ
يزيدي دؤر م آهيون
حُسيني جنگ جاري آ
صدين کان سازشي ٽولا
وجھن پيا رنڊڪون رولا
ڀٽائيءَ گھوٽ جي سنڌڙي
مري ٿي اڃ سان مولا
لڳي ويا زنگ زمينن کي
ھيڻوڻ ھرڪوئي ھاري آ
يزيدي دؤر م آهيون
حُسيني جنگ جاري آ
امام علي جنجهي
#NoMoreCanalsOnIndus