Перейти к содержимому

Ustad Manzoor Ali Khan- Je hik tunhjo waido wafa thi pawe ha- جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها

Jokhio's

0:00 / 0:00

Ustad Manzoor Ali Khan- Je hik tunhjo waido wafa thi pawe ha- جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها

3 016 просмотров · 6 лет назад
Jokhio's
5,54 тыс. подписчиков
3 016 просмотров · 6 лет назад
استاد منظور علي خان جي آواز ۾ ناز لطيفيءَ جو مشهور ڪلام: ”جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها، منهنجي درد دل جي دوا ٿي پوي ها... پڇان ها پرينءَ کان مون ڪهڙي خطا ڪئي، مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها“ ذريعو: لطف سيال هي ڪلام پهرين جنوري 2014 تي ڊاڪٽر الطاف جوکيي جي وال تي رکيو ويو هو، هيٺ پورو غزل رکجي ٿو جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها ته ڪجهه دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها رهين ڪين ڪڏهين ڪا هڪ رات مون وٽ، جي ترسي پوين ها ته ڇا ٿي پوي ها. بِلو ٿي پوي ها غمِ دل جو جيڪر بِمائل ڪرم دلربا ٿي پوي ها. پِرين ڪِئن پري ٿي وڃي ها نظر کان. جي منظور منهنجي دُعا ٿي پوي ها. کڻين هان نه خنجر تون گردن تان قاتل. ڀلي ڌڙ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها. رکي سِرُ درِ يار تي پوءِ کڻان ڪيئن. نمازِ محبت قضا ٿي پوي ها. پُڇي ڀي نه ها ڪو دنيا ۾ خوشيءَ کي. زمانو جي درد آشنا ٿي پوي ها. جي سمجهين ها دل گهر خدا جو اي واعظ. ته دلبر کي سِجدو روا ٿي پوي ها. جي گهوريان ها سر هُن جي ناز و ادا تان. ته الفت جو ڪجهه حق ادا ٿي پوي ها. پڇان ها پرين کان مون ڪهڙي خطا ڪئي، مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها. کُلن ها خوشيءَ جا خزانا اسان لاءِ، جي چشمِ ڪرم تنهنجي واه ٿي پوي ها. سخا ڇا چوان شاههِ خُوبان جي يارو، ٻُڌي ها جي حاتم گدا ٿي پوي ها. چڱو ٿيو نقابن ۾ آئين صنم تون. هتي ورنه قيامت بپا ٿي پوي ها. لبن ساڻُ لب جي ملائين ها دلبر، تنهنجي ڪهڙي اربع خطا ٿي پوي ها. ڪاوڙ مَنجهائِي نهاريو ته ها پيا، اها شوخ اَهنجي ادا ٿي پوي ها. اجايو لطيفي کي، پيارا ٿا ماريو، هو ازخود اوهان تان فدا ٿي پوي ها.