Перейти к содержимому

ابزرگ شاعر تاج ٽکڙائي جي چوٿين ورسي ۽ مشاعرو

Azam Bhatti

0:00 / 0:00

ابزرگ شاعر تاج ٽکڙائي جي چوٿين ورسي ۽ مشاعرو

7 просмотров · 1 месяц назад
Azam Bhatti
97 подписчиков
7 просмотров · 1 месяц назад
سنڌ جي سرموڙ بزرگ شاعر محمد دائود "تاج" ٽکڙائي جي چوٿين ورسي تقريب ۽ مشاعري جي محفل 22 آگسٽ 2026ع ٽنڊو محمد خان : سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان, ٽکڙ پبليڪيشن ۽ رائٽرس فورم ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر پاران سنڌي ٻولي جي سرموڙ بزرگ شاعر محمد دائود "تاج" ٽکڙائي جي چوٿين ورسي تقريب ۽ سندس ياد ۾ مشاعري جي محفل سندس اباڻي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿي گذري. تقريب کي نامياري شاعر ۽ اديب فتح علي "مخلص" ٽالپر, نظر امين مقبول ميمڻ, طارق امام جوڻيجو, اقبال شاهين, آصف زيب ملاح, اعجاز علي جسڪاڻي, اعظم ڀٽي, آثم ارباب, دودو خاصخيلي, ڊاڪٽر عزيز ٿيٻو, نسرين ٿيٻو, عبدالستار "آڪاش" ٽکڙائي, آغا جان آغا, ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي, عمران حفيظ ڳنڀير, جانثار ٽکڙائي, فيض ٽکڙائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته محمد دائود ميمڻ المعروف "تاج ٽکڙائي" سنڌي ٻولي جو سرموڙ بزرگ شاعر هو, جنهن لڳ ڀڳ مۡني صديءّ تائين سنڌي ٻولي, علم, ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪئي. هۡو علم عروض جو پڪو پختو شاعر ۽ استادالشعراءّ ھو, جنهن جي فن ۽ فڪر ۾ سنڌ ئي سنڌ سمايل هئي, سندس شاعري ۾ ديس ۽ ديس واسين جي تڪليفن, مشڪلاتن ۽ مسئلن جي اۡپٽار ٿيل آهي. انفرادي, اجتماعي, داخلي ۽ ٻاهرين انساني ڪيفيتن کي هۡن پنهنجي شاعري وسيلي زبان ڏني. هن نه رڳو هر موضوع تي نظميه طور طبع آزمائي ڪئي پر هۡن پنهنجي فن ۽ فڪر وسيلي ٽن پيڙهين جي سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي, سۡلجهيل فردن جا شعوري قافلا تيار ڪيا, جيڪي هن وقت به سنڌي ٻولي, علم ۽ ادب جي خدمت لاء ڪوشان آهن. هنن چيو ته تاج ٽکڙائي جهرجهنگ جهاڳي, ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري, ادبي محفلون مچائي, مشاعرن جي روايت کي زنده رکي, تعليم کي هٿي وٺرائي, مهمان نوازيءّ جا مثال قائم ڪري, سموري سنڌ ۾ پنهنجي مثبت ۽ منفرد ساک برقرار رکي. هۡو اسانکان جسماني طور ڀلي کڻي وڇڙي ويو هجي پر سندس علمي, ادبي خدمتن ۽ ڪتابي ذخيري جي بدولت هۡو تاريخ جي ورقن ۾ اسان وٽ هميشه زنده آهي. تاج ٽکڙائي هميشه نوجوانن کي همٿائڻ ۽ حوصلو ڏيارڻ جهڙا جوهر جرڪايا. هۡو مجموعي طور سنڌي ٻولي جو رکوالو هو, جنهن هميشه سنوان دڳ ڏيکاري, قوم کي ويچارڻ ۽ مسلسل جدوجهد واري لاڙي ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تاج ٽکڙائي پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو. سنڌ تي جڏهن به ڏۡکيو وقت ۽ تڪليفون برپا ٿيون, تڏهن تاج ٽکڙائي سنڌ جي ٻين اديبن جيان پاڻ ملهايڻ وارو ڪردار جوانمرديءّ سان ادا ڪيو. ٽکڙ ۽ ٽنڊو محمد خان جي سرزمين سنڌ کي وڏا وڏا ذهن ڏنا, انڪري انهن علائقن جي ادبي تحرڪ جو مان ۽ شان هميشه فخر سان اۡوچو رهيو آهي. تاج ٽکڙائي, سنڌي ٻوليءّ کي, ادب کي, علم کي پارٽ ٽائيم سمجهڻ بجاء زندگيءّ جو منشور بنائي, قلمي پورهيو ڪيو, جيڪو قلمي پورهيو لڳ ڀڳ مۡني صديءّ جي تاريخ رکندڙ آهي. تاج ٽکڙائي, سنڌي ٻولي ۽ شاعري جو روشن ستارو ۽ امين هو. ھۡن جا عام زندگيءّ ۾ في البديهه ويچار, رويا, شفقت, عملي ڪردار ائين محسوس ٿيندو آهي, جيئن ڪي ڪردار قومن جا, تاريخ جا ۽ ڪي علائقن جا دماغ, اکيون ۽ پير ھوندا آھن, ائين ئي تاج ٽکڙائي به ٽکڙ ۽ ٽنڊي محمد خان جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو دماغ, اکيون ۽ پير هو. مشاعري جي محفل ۾ فتح علي "مخلص" ٽالپر, طارق امام جوڻيجو, اقبال شاهين, آصف زيب ملاح, اعظم ڀٽي, آثم ارباب, ڊاڪٽر عزيز ٿيٻو, عبدالستار آڪاش ٽکڙائي, آغا جان آغا, گدا ٽکڙائي, عاشق علي ڳاهو, علي اصغر ڀٽي, سومار سنگم, نثار احمد "ناز", ميان مختيار علي نظاماڻي, پير ماجد جان سرهندي, ساحر ملاڪاتياري, باغي فريد ملاڪاتياري, ساجدالله ڳنڀير, تاج سنڌي, فيض ٽکڙائي, شاهد "اداس" ٽکڙائي, جانثار ٽکڙائي, عبدالرحمان "آزاد" ٽکڙائي, گل محمد سومرو, فياض لغاري, سانوڻ ٽکڙائي, انور ميمڻ, اياز لغاري, شير ٽکڙائي, مهتاب ٽکڙائي, ڪبير خاصخيلي, سليمان ڳنڀير, محمد يامين "حبدار" سومرو, علي رضا مهيري, شاهه غلام محمد جان سرهندي ۽ ٻين شاعري ذريعي ڏات جا ڏيئا جرڪائي, مشاعري جي محفل کي چانڊاڻ ارپي. ان موقعي تي نئين ٽهيءّ جي نوجوان شاعر آصف زيب ملاح کي "تاج ٽکڙائي ياگار ايوارڊ" سان نوازيو ويو. تقريب ۾ نوجوان راڳي فضل لغاري, چنگ نواز حاڪم علي سولنگي بهترين فن جو مظاهرو ڪيو. ورسي ۽ مشاعري واري تقريب ۾ ڪراچي, حيدرآباد, ڀٽ شاهه, ڪوٽڙي, بدين, تلهار, ٽنڊو غلام علي, ماتلي, ٽنڊو محمد خان, ملاڪاتيار, هيرڻ جاگير, ٽکڙ سميت مختلف علائقن جي اديبن, دانشورن, شاعرن سميت هر مڪتبه فڪر جي فردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. 22 آگسٽ 2026ع