تنهنجا بندا خدايا توکي پيا سَڏِن Abdul Sattar Abassi_
Islamic info
0:00 / 0:00
تنهنجا بندا خدايا توکي پيا سَڏِن Abdul Sattar Abassi_
57 просмотров · 1 год назад
Islamic info
10 подписчиков
57 просмотров · 1 год назад
تنهنجا بندا خدايا توکي پيا سَڏِن
اولاد لاء جيڪي ٿا ٻانهڙا سِڪن
سالن جا سال سڪ ۾ گذري ويا خدا
ٻچڙا ڏئي تون پنهنجي ڪر خاص ڪا عطا
اکڙين مان نِير هارَي توکي ٿا عرضَ ڪَن
ڪنهن جي مٿان رڳو تو پٽڙن جي مِهرَ ڪئي
رحمت سان تو نوازيو ڪنهن کي نياڻيون ڏئي
جوڙا وري ڪي سڪندا اولاد لئه رهن
قادر ڪريم آهين رازق رحيم تون
سڏڙا ٻڌين پيو ٿو اعلي عظيم تون
ٻاجھارا ٻاجھ تنهنجي هر وقت ٿا گهُرَن
ايڏي وڏي اسان کي سائين سزا نه ڏَي
اولاد کان سڪايلُ هر هڪ پيو سڏَي
ڪر خاص مهرباني روئي پيا چَون
اولاد ماء پئ لئه اکڙين جو ٺار آ
رحمت "بلال" ۽ پڻ گهر جو سينگار آ
ٻارن سان خوب گهر ۾ شل رونقون رهن
Abdul Sattar Abbasi