Toon Manjen Manjen Na Mehrban | Master Wali
Online Indus Entertainment
0:00 / 0:00
Toon Manjen Manjen Na Mehrban | Master Wali
163 884 просмотра · 5 лет назад
Online Indus Entertainment
22,6 тыс. подписчиков
163 884 просмотра · 5 лет назад
#masterwali #UstadBukhari #onlineindustv #onlineindusentertainment
تون مڃين! مڃين نه مهربان،
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
هڪ تون اڳ ئي آن حسين،
ٻيو نفيس ويس ٿو ڍڪين،
ٽيون وري ٽِلين ٿو ناز سان.
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي،
لائجي ته پوءِ نڀائجي،
جي نڀائجي ته ٿِي جوان،
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
هڪ ته مونکان ڇڄ نه، ڇا چيم!؟
جي ڇڄين ته غير سان نه گھُم،
جي گھُمين ته، گھُم نه مُون اڳيان.
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
هڪ اڳي ئي عشق آ عجيب،
ٻيو ته هِي بُخاري آ غريب،
بس عجيب ۽ غريب هان!
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.