سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي جو ڏهاڙو ۽ ڪۡل سنڌ وحدت مشاعرو
Azam Bhatti
0:00 / 0:00
سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي جو ڏهاڙو ۽ ڪۡل سنڌ وحدت مشاعرو
9 просмотров · 1 день назад
Azam Bhatti
97 подписчиков
9 просмотров · 1 день назад
سنڌي ادبي سنگت, سنڌ پاران "سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي جو ڏهاڙو" ۽ "ڪۡل سنڌ وحدت مشاعرو"
27 سيپٽمبر 2026ع
حيدرآباد:
سنڌي ادبي سنگت, سنڌ پاران سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال حيدرآباد ۾ "سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي جو ڏهاڙو" ۽ "ڪۡل سنڌ وحدت مشاعرو" منعقد ڪيو ويو. ٻڌي جي ڏهاڙي واري تقريب جي پهرين نشست ۾ ناليواري اديب مدد علي سنڌي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت هزارين اختلافن باوجود سنڌي ادبي سنگت, پاڪستان جي واحد منظم ۽ متحد تنظيم آهي. جيڪا هر سرگرمي پنهنجي هڙان وڙان ڪري ٿي ۽ ڪنهن جي به محتاج ناهي. اهڙي صورت ۾ سنڌي اديبن کي سلام آهي. جيڪي پنهنجي شاعري, پنهنجا ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڇپائين ٿا. ادارا ڪروڙن جي بجيٽ باوجود اهڙو ڪم نٿا ڪن, جيڪو ڪم سنڌي ادبي سنگت ڪندي رهي آهي. سنڌ جي اديبن سنڌ جي وجود ۽ بقا جي هر مسئلي تي وڏي ويڙهه وڙهي آهي. انهن جيل به ڪاٽيا آهن, بۡکون ۽ تڪليفون به ڏٺيون آهن. شيخ اياز کان وٺي رشيد ڀٽي تائين سڀني اديبن وڏيون مشڪلاتون ڏٺيون آهن. سنڌي اديبن جو ڪردار تاريخ ۾ سۡرخرو آهي. محمد خان ابڙي کي سلام آهي, جنهن ادبي سنگت کي هڪ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي محمد خان ابڙي چيو ته سنڌي ادبي سنگت, سنڌ جي وحدت, حقن ۽ وقار جي ذميدار تنظيم آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي وارو سوال اسان لاء وڏو امتحان هو, عجيب خدشا, انومان ۽ الزام گردش ۾ هئا پر اسان قربانيون ڏئي ۽ وٺي سنگت کي هڪ ڪيو. منهنجو ڪوبه ذاتي مفاد ناهي, آئون ادبي سنگت جي هر سڏ ۾ سڏ ڏيندس. ان حد تائين جو سر ڏيڻ لاء تيار آهيان. ادبي سنگت, سنڌ جي وحدت جي مسئلي تي هر قسم جي مزاحمت ڪرڻ لاء تيار آهي. مونکي سنڌ جي ڪنهن به ڪۡنڊ تان سڏ ٿيو, آئون هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پهچندس. ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت اسانجي محبتن جو محور ۽ مرڪز آهي, جنهن دور ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جا خواب لڌا پيا وڃن, ان دور ۾ ٻڌي جو ڏهاڙو به هڪ مزاحمتي پهلو آهي. سنڌي ادبي سنگت ٻٽي نظام خلاف سڀ کان پهرين سڏ ڏنو, ان ۾ به اسانجا اديب ۽ شاعر عملي طور سرخرو رهيا. سنڌي ادبي سنگت کي ڪير به وڪڻڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. سنڌي ادبي سنگت, سنڌ جي جديد شڪل لاء سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي, سنڌي ادبي سنگت خوبصورت روايتن جو گلدستو آهي. تنقيد کان آجو ڪير به ناهي, پر اسان تنقيد کي به اصلاحي انداز ۾ ورنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت جو حۡسن برقرار آهي. اسان سنڌي ادبي سنگت کي عهدن کان مٿانهون رکي, عهدن جون قربانيون ڏنيون ۽ اڄ اسان سڀ گڏ ويٺا آهيون. سنڌي ادبي سنگت کان وڌيڪ اسان لاء ڪوبه پٽڪو ناهي. ادبي سنگت جي ايڪي ۾ محمد خان ابڙي جو ڪردار تاريخ ساز آهي, احمد سولنگي به ان ولوڙ ۾ گهڻو لوڙهيو. ڪنهن به ماڻهو جي پرک ڪرڻي آهي ته ان جي دوستن جو انگ کي ڏسجي, اسان پنهنجي دوستن سميت هر پرک تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسانکي پٿر به لڳا پر سنڌي ادبي سنگت خاطر اسان اهي پٿر برداشت ڪيا! سنڌي ادبي سنگت جي ايڪي ۽ اتحاد ۾ هڪ وک کڻندڙ کي به وساري نٿو سگهجي. تاج جويي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي ٻڌي وارو ڏينهن به سنڌ جي وحدت جي علامت آهي. سنڌ ڏانهن کڄندڙ هر ميري اک ڪڍي ڇڏبي. سنڌي ادبي سنگت اسانجي ماءۡ آهي. اسان سنڌي ادبي سنگت جو تر جيترو نقصان به برداشت نٿا ڪري سگهون. هن وقت سنڌي ادبي سنگت غير متنازعه ۽ غير تڪراري تنظيم آهي ۽ اسان هڪ سنڏ ۽ هڪ سنڌي ادبي سنگت جي نعري تي مڪمل طور متفق آهيون. ادل سومري چيو ته هڪڙو ئي حوالو جيڪو اسانکي گڏائي ٿو, اهو آهي سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت. اسانکي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاء اڃا به وڌيڪ رستا ڳولڻا پوندا. اسانکي عزت, مانۡ ۽ مرتبي سميت سنڌي ادبي سنگت گهڻو ڪجهه ڏنو آهي, ادبي سنگت نه هجي ها ته آئون به ڪجهه نه هجان ها. سنڌي ادبي سنگت جي ايڪي واري ڏينهن جو باني محمد خان ابڙو آهي. گوبند مالهي کان وٺي شمشير ۽ رشيد ڀٽي تائين ڪنهن کي به وساري نٿو سگهجي. اسانکي مثالي ادبي سنگت ٺاهڻي آهي, جيڪا پيار, محبت ورهائڻ سميت شعوري سگهه پيدا ڪري. تاريخ ٻۡڌائي ٿي دودي سومري جا سپاهي غدارن سان هٿ ناهن ملائيندا, اها به مزاحمت آهي, مزاحمت جي تاريخ کي ڪير به ميساري نٿو سگهي.احمد سولنگي چيو ته سنڌي ادبي سنگت هڪ هئي, هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. سنڌ جي وحدت تي وار جي حوالي سان احتجاج جو سڀ کان پهريون سڏ سنڌي ادبي سنگت ڏنو هو ۽ سنڌ ۾ ادبي سنگت جي شاخن سنڌ جي وحدت تي وار وارين سازشن خلاف پنهنجو تاريخي آواز بلند ڪيو. سنڌي ادبي سنگت, سنڌ جي وجود ۽ بقا جي مسئلي تي ڪنهن به ابهام جو شڪار ناهي. اسان سنڌ جا اديب سنڌ جي ورهاڱي جي سوال تي, انتظامي يونٽن جي رينگٽ تي ڪنهن به صورت ۾ خاموش نٿا ويهي سگهون. ان موقعي تي شبنم گل, ڊاڪٽر عابده گهانگهرو, گل بيبي شاهه, اعظم ڀٽي, رمضان ميمڻ, محبوب سنڌي, ستارسۡندر, آزاد انور ڪانڌڙو, امام علي ڏيٿو, ڀارومل امراڻي, ستار هليو, مرتضي' ڦل, خالد راڄپر ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. ان دوران مهمانن کي لۡنگيون اوڍايون ويون. سنڌ جي وحدت تي وار خلاف سنڌي ادبي سنگت جي جدوجهد ۾ گرفتار ٿيل اديبن ستار هليو, شير محمد هاليپوٽو, خالده سحر, ارشاد پيرزادو کي خراج تحسين پيش ڪندي لۡنگيون اوڍايون ويون.
تقريب جي ٻي نشست "ڪۡل سنڌ وحدت مشاعري" جي محفل جي صدارت رفيق سيال ڪئي, مهمان خاص ادل سومرو, اعزازي مھمان خالده سحر, روحل ڪالرو هئا. ميزباني جا فرائض خالد راڄپر سرانجام ڏنا. مشاعري جي محفل ۾ سنڌ جي ڪۡنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل شاعرن جي وڏي انگ ڏات جا ڏيئا جرڪائي, سنڌ ۽ سنڌ جي وحدانيت جو وچن ورجايو.
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان پاران ضلعي رابطا سيڪريٽري اعجاز علي جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ شاخ ٽنڊي محمد خان جي سيڪريٽري اعظم ڀٽي, شاخ آبادگار شگرملز جي سيڪريٽري لال بخش "لالڻ" سٺيو, شاخ آبادگار شگرملز جي ڪائونسلر سيد اسلم شاهه, شاخ بلڙي شاهه ڪريم جي سيڪريٽري عثمان پنهور, ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي, رمضان آزاد لغاري, اياز لغاري جونيئر, قدير لغاري تي مشتمل وفد شرڪت ڪئي.
27 سيپٽمبر 2026ع